واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ يعني آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 3 سالن ۾ 7 ارب ڊالر جو قرض منظور ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. بدلي ۾ پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ ريفارمز ڪندو، ٽيڪس جو دائرو وڌائيندو. پهرين جنوري 2025 کان زراعت تي ٽيڪس لاڳو ڪندو، غريبن کي ملندڙ ٽارگيٽيڊ سبسڊي کانسواءِ ٻين شعبن جي سبسڊي ختم ڪندو. آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي حتمي منظوري فنڊ جو ايگزيڪيٽو بورڊ ايندڙ اجلاس ۾ ڏيندو. ڪووڊ بعد 2022 جي سيلاب ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏل هو ۽ پاڪستان جي معيشت خراب کان خراب ٿي وئي هئي، جنهن جي بحالي لاءِ عالمي امدادي اداري هي قرض منظور ڪيو آهي. 25 ڪروڙ آبادي واري ملڪ ۾ اڪثر روزگار جا موقعا انفارمل سيڪٽ ۾ آهن، 52 لک ماڻهو رڳو انڪم ٽيڪس ريٽرن فائيل ڪن ٿا. هلندڙ مالي سال ۾ حڪومت46 ارب ڊالر اضافي ٽيڪس لاڳو ڪري وصول ڪندي.، واڌو ٽيڪس گذريل سال جي وصول ڪيل ٽيڪس جو 4و سيڪڙو آهي. اها رقم ملڪ جي ڪل جي ڊي پي جو ڏيڍ سيڪڙو برابر آهي. ريزڪي دوڪاندارن تي ٽيڪس، ايڪسپورٽ وڏائڻ، خرچ گهٽائڻ، زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ حڪومت اپاءَ ورتا آهن. 18 هين ترميم بعد صحت، تعليم ۽ ٻين کاتن کي صوبن حوالي ڪيو ويندو، سوشل پروٽيڪشن ۽ صوبائي ترقياتي منصوبن ۽ انفرااسٽرڪچر تي خرچ وفاق بدران صوبا پاڻ ڪندا. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت رياست جي ملڪيت وارا ادارا نجي شعبي حوالي ڪندي. حڪومت ڪرپڇشن جي خاتمي، گورنينس بهتر ڪرڻ ۽ سرڪاري معاملن ۾ شفافيت آڻڻ جي به خاطري ڪرائي آهي.










