اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي توانائيءَ واري وزير اوئيس لغاري چيو آهي ته آءِ ايم ايف اسان کي مخصوص وقتن ۾ سستي بجلي فراهم ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي اسلام آباد ۾ بيٽري اسٽوريج فلئڪسيبلٽي 2026 بابت ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ وفاقي توانائيءَ واري وزير اوئيس لغاري ماهرن جي سوالن جا جواب ڏنا.اوئيس لغاري چيو ته آءِ ايم ايف اسان کي مخصوص وقتن ۾ سستي بجلي فراهم ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، آءِ ايم ايف سان ان سهولت تي گذريل ڪجھه مهينن کان ٻوليون/ڳالهيون جاري آهن.وفاقي وزير چيو ته ان سهولت سان ملڪ ۾ بجليءَ جو استعمال وڌائي سگهجي ٿو، آسٽريليا ۾ هڪ ڪمپنيءَ ان سهولت سان بجليءَ جي وڪري ۾ نمائن اضافو ڪيو، ان سهولت تي آءِ ايم ايف کي راضي ڪيو ويندو اوئيس لغاريءَ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ وڏيون توانائي اصلاحات ٿي رهيون آهن، آءِ ايم ايف آڏو سڀ حقيقتون رکنداسين ۽ انهن کي راضي ڪيو ويندو، پاڪستان جو پهريون جامع توانائي پلان ايندڙ سال اپريل ۾ اچي ويندو، ماڻهو مستقبل ۾ پنهنجي شمسي توانائيءَ کي اسٽور ڪري رات جو استعمال ڪندا، ڏينهن جي وقت سولر بجلي دستياب هئڻ سان بجليءَ جي صورتحال نسبتاً بهتر رهي. توانائيءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي بجلي پيداوار ۾ صاف توانائيءَ جو حصو 55 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي، حڪومت جو 2035ع تائين صاف توانائيءَ جو حصو 90 سيڪڙو ڪرڻ جو حدف آهي، صرف سولر ۽ ونڊ نه، بيٽري اسٽوريج کان سواءِ 90 سيڪڙو ڪلين انرجي حدف حاصل نٿو ٿي سگهي، بيٽري اسٽوريج بجليءَ کي قومي اثاثو بڻائڻ ۽ گرڊ کي متوازن رکڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندي.ان جو چوڻ هو ته حڪومت بيٽري انرجي اسٽوريج جي مقامي صنعت جي فروغ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي، پاڪستان ۾ بيٽرين جي ڏيساور (درآمد) نه پر مقامي مينيوفئڪچرنگ کي فروغ ڏنو ويندو، مقامي انجنيئرنگ، سسٽم انٽيگريشن ۽ بيٽري مئنيجمينٽ سافٽ ويئر جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.










