اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جي مالي امداد بابت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي آگاهه ڪري ڇڏيو.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب ۽ يو اي اي پاڪستان کي مالي امداد ڏيڻ بابت آءِ ايم ايف کي رپورٽ ڪري ڇڏي آهي.اسحاق ڊار موجب سعودي عرب پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته يو اي اي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جي تصديق ڪئي آهي.اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول جي معاهدي جون سموريون شرطون پوريون ڪيون ويون آهن. ناڻي واري وزير اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف اسٽاف سطح جي معاهدي جي جلد ايگزيڪيوٽو بورڊ کان منظوري ورتي ويندي.










