آءِ ايم ايف جي قرض جي پروگرام ۾ دير سان بجيٽنگ جو عمل متاثر ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ قرض جو پروگرام اڃا تائين دير جو شڪار آهي، جنهن سبب بجيٽنگ جو عمل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي بورڊ اجلاسن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي پر 17 مئي تائين آءِ ايم ايف اجلاس جي ايجنڊا ۾ پاڪستان جو معاملو شامل ناهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عملي سطح تي معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ عالمي مالياتي ادارن کان فنڊنگ نه ٿيندي ۽ آءِ ايم ايف سان معاملا طئي نه ٿيڻ جي صورت ۾ بجيٽ جوڙڻ وارو عمل متاثر ٿيڻ جو خدشو به موجود آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف دوست ملڪن جي فنڊنگ جي خاطري تي به مطمئن نه ٿيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان هڪ ارب ڊالرن جو ٻيو فنانسنگ پروگرام ڏنو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان نائين اليون لاءِ گهڻيون شرطون پوريون ڪيون آهن.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول جو معاهدو 9 فيبروري تي ٿيڻو هو، جنهن ۾ دير ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو