آءِ ايم ايف جو خط، پاڪستان پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جو يقين ڏياري ڇڏي

آءِ ايم ايف جو خط، پاڪستان پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جو يقين ڏياري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي اتفاق ٿي ويو آهي.پاڪستان پاران آءِ ايم ايف ڏانهن اماڻيل رضامندي جي اظهار جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف کي پيٽروليم شين تي ليوي وڌائي 50 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول تي 10 رپيا ۽ ڊيزل تي 5 رپيا ليوي وڌائي ويندي، جڏهن ته سيپٽمبر ۾ پيٽرول تي 30 رپيا ۽ ڊيزل تي 15 رپيا ليوي وڌائي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهينن ۾ ليوي ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي ويندي ۽ اهڙي ريت جنوري 2023ع تائين ليوي وڌائي 50 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو