راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران احتجاج ۾ فوج مخالف نعرن جو علم ناهي، 3 ڪروڙ ووٽ اسان جي جماعت کي مليا ۽ 3 ڪروڙ ووٽ 17 جماعتن کي مليا، چونڊن جي آڊٽ ڪرائي وڃي.عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته ٻاهرئين ملڪ آءِ ايم ايف جي آفيس سامهون جيڪو احتجاج ٿيو اهو درست هو پر ان ۾ فوج مخالف نعريبازي جو علم ناهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن جي فوري طور آڊٽ ڪرائي وڃي، اسان جي جماعت کي 3 ڪروڙ ووٽ مليا ۽ 3 ڪروڙ ووٽ 17 جماعتن کي مليا، ملڪي معيشت ٻڏي رهي آهي، ملڪ ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، هيءَ حڪومت نه هلي سگهندي.سندس چوڻ هو ته ڪير منهنجي گهر تي ڪاهه ڪري ۽ چئي ته وساري ڇڏ اهو ڪهڙو انصاف آهي؟ ووٽ کي عزت ڏيندڙن ووٽ کي عزت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، شريف خاندان جو بوٽ بنا گذارو ناهي.










