راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان فوج جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. هڪ بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ڇهون ڀيرو ڊي جي آءِ ايس آر چئي چڪو آهيان ته فوج کي سياست ۾ نه ڇڪايو وڃي. هن چيو ته بلاول کي مارشل لا واري وزير پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون، جيڪو مذاق آهي. شيخ رشيد چيو ته واحد حل عبوري حڪومت ٺاهڻ ۽ چونڊون ڪرائڻ آهي، جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون ته ملڪ جون حالتون سريلنڪا جهڙيون ٿي سگهن ٿيون.هن وڌيڪ چيو ته ڊالر 200 رپين جو ٿي رهيو آهي، ملڪ ڊفالٽ ٿي سگهي ٿو.










