دڙو (ن س) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، الطاف خاصخيلي، اشرف پليجو شوڪت سريوال، مقصود سومرو،امداد پنھور، مجيد ٻگھيو، پنھل سولنگي۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي تہ ھي ڪھڙي سنڌ آھي؟ ھاري ۽ ننڍا آبادگار تباھ ٿيندا وڃن ۽ مڊل مين، دلال ۽ وڏا واپاري ڪروڙ پتي، ارب پتي پيا ٿين يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو پيو وڃي۔مارڪيٽ ۾ موجود ھجڻ باوجود ڊيلر ۽ واپاري ڀاڻ بليڪ تي 36 کان 38 سو روپيا في ٻوڙي وڪرو ڪري ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رھيا آھن۔ سنڌ حڪومت بليڪ تي ڀاڻ ڏيندڙن جي سرپرستي ڪري رھي آھي۔ بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔ اڳواڻن چيو تہ حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي۔ جڏھن فصل لھن ٿا تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا۔ آبادگارن ۽ ھارين کي پنھنجي محنت جو اجورو بہ نٿو ملي۔ ھر زرعي فصل پوکڻ مھانگو ٿي ويو آھي۔ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ بہ وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي۔ پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل تباھ ٿي ويا آھن۔ اڳواڻن چيو تہ پاڻي تي حڪومتي ماڻھن جو قبضو آھي، اھي مخالفن، ننڍن آبادگارن ۽ پڇڙي تائين پاڻي پھچڻ نٿا ڏين، جنھن ڪري آباد زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن۔ نقلي ٻج، نقلي زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڏو ڪاروبار وڌي ويو آھي۔ رشوت جي ڪري جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔ اڳواڻن چيو زرعي فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪيو وڃي ٿو۔ اھا زراعت جي تباھي آھي، جنھن ڪري غربت وڌي وئي آھي۔ بدحالي سبب سنڌ ترقي بدران پوئتي وڃي رھي آھي اڳواڻن چيو تہ بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔
