ڳجهي اطلاع تي 101 ٻوريون گٽڪو هٿ، 3 جوابدار گرفتار

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو جي ھدايتن تي شھيد بينظيرآباد پوليس جون ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري آهن. انچارج اي وي سي سي مبين احمد پرھياڙ خفيه اطلاع تي پنھنجي ٽيم سان گڏ نوابشاهه ۾ آئل ٽينڪر تي ڇاپو ھڻي 101 ٻوريون زھريلو گٽڪو ھٿ ڪري 2 منشيات ڊيلرن يار محمد ولد انارگل بروھي ۽ عبدالحميد ولد عبدالغفار بروھي کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ٻئي منشيات فروش بلوچستان کان نوابشاهه ۾ منشيات وڪرو ڪري رھيا ھئا. ٻئي طرف ايس ايڇ او قاضي احمد پڻ خفيه اطلاع تي منشيات وڪرو ڪندڙ رانجھن رند جي اڏي تي ڇاپو ھڻي 290 پيڪٽ زيڊ 21 گٽڪو ھٿ ڪري منيشاٽ فروش کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو