گڊو ٿرمل جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن جو ڌرڻو

گڊو ( فرحان قريشي) ٿرمل بجلي گهر گڊو جي امڪاني نجڪاري خلاف آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو ورڪرز يونين جي مرڪزي سڏ تي سوين ملازمن ٽول ڊائون هڙتال ڪري پاورهائوس طرف ويندڙ گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي پاورهائوس طرف ويندڙ شفٽ جون گاڏيون روڪي ڇڏيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي ريجنل چيئرمين شمس الدين سولنگي، خادم بوهڙ، نياز سومرو، سليم ڀٽو، عبدالوحيد ڀٽو، نواز علي ڏاهاڻي، اي ڊي ملڪ ۽ ٻين چيو ته گڊو بجلي گهر منافعي بخش ادارو آهي، وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي ايماءَ تي منافعي بخش ادارن کي وڪرو ڪري رهي آهي. گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن پي ٽي آءِ حڪومت اقتدار کان اڳ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو اعلان ڪيو هو پر هاڻي هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت نجڪاري جو فيصلو واپس نه ورتو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت بجلي جو بريڪ ڊائون ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو