گيس پائپ لائن ڌماڪي سان تباهه، گيس فراهمي معطل

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) سوئي کان ڪوئٽه ويندڙ گيس پائپ لائن شرپسندن ڌماڪي سان اڏائي ڇڏي، جنهن سبب ڪوئٽه، پشين، زيارت ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گيس جي فراهمي متاثر ٿي آهي. سئي سدرن گيس ڪمپني جو چوڻ آهي ته 12 انچ قطر جي پائپ لائن کي ڌماڪي سان وڏو نقصان پهتو آهي.  ڪوئٽه کي 50 سيڪڙو فراهمي متاثر ٿي آهي جيڪا متبادل ذريعن کان فراهم ڪرڻ تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ رات دير تائين فراهمي بحال ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو