گوگل جو ڊوڊل ذريعي پروين شاڪر کي خراج تحسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محبت جي خوشبو پنهنجي شاعري ۾ سهيڙي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏيندڙ پروين شاڪر جي 67هين سالگرهه جي موقعي تي گوگل ان کي ڊوڊل ذريعي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. عظيم شاعره پروين شاڪر 24 نومبر 1952 تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي ان کي اردو جي منفرد لهجي جي شاعره هئڻ ڪري تمام گهٽ عرصي ۾ وڏي شهريت حاصل ٿي جيڪا تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي. هن انگلش لٽريچر ۽ زبان داني ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ بعد ۾ انهن مضمونن ۾ جامعه ڪراچي کان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. پروين شاڪر استاد جي حيثيت سان درس تدريس جي شعبي سان وابسطه رهي ۽ بعد ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي. هن تمام ننڍي عمر ۾ شعر و شاعري جو آغاز ڪيو پروين کان پهرين ڪنهن به شاعره پنهنجي جذبن کي اهڙي نزاڪت سان بيان ناهي ڪيو. هن لفظن ۽ جذبن کي هڪ انوکي تعلق ۾ ٻڌي سادن لفظن ۾ نسائي، انا، خواهش ۽ انڪار کي شاعري جو روپ ڏنو. ان جي شاعري ۾ روايت کان انڪار ۽ بغاوت به نظر اچي ٿي. شروعات ۾ بينا نالي سان سڃاڻي ويندڙ شاعره جي پهرين ڪتاب خوشبو 1976 ۾ شايع ٿي جڏهن ته ان جي ٻين مشهور ڪتابن ۾ انڪار، صدبرگ، خودڪلامي ۽ ڪف آئينه شامل آهن. هن شاعري سان گڏوگڏ ڪالم نويسي به ڪئي ان کان علاوه هن کي ادب ۾ بهترين خدمتون ڏيڻ تي پرائڊ آف پرفارمنس سان به نوازيو ويو. ڊسمبر 1994ع تي اسلام آباد ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ هو 42 سالن جي عمر ۾ مالڪ حقيقي سان وڃي ملي. پروين شاڪر کي مداحن کان وڇڙئي 26 سال گذري ويا پر ان جي شاعري اڄ به خوشبو وانگي ڦهلجندي محسوس ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو