گوڙ ڪندڙ 7 ايم اين ايز تي پارليمان ۾ داخلا تي پابندي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ايوان ۾ هنگامون ۽ گار گند ڪندي هڪٻئي کي بجيٽ بڪس هڻڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي 7 ميمبرن تي ايوان ۾ داخلا تي پابندي هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. جن ۾ حڪمران پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٽي ٽي ميمبر ۽ هڪ پيپلز پارٽي جو شامل آهي. پي ٽي آءِ جي پابندي مڙهيل ميمبرن م علينواز اعواڻ، عبدالحميد خان ۽ فهيم خان سامل آهن. جڏهن ته نون ليگ وارن ۾ شيخ روحيل اصغر، گوهر خان ۽ چوڌري حامد حميد شامل آهن. جڏهن ته پي پي جي ڪراچي مان چونڊيل آغا رفيع الدين تي پابندي مڙهي وئي آهي. مٿي ٺاڻايل ميمبرن جي پارليمان هائوس جي احاطي ۾ ايندڙ حڪم تائين پابندي برقرار رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو