گوادر کان خضدار تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ جي سفارش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي منصوبابندي ترقي جي قائمه ڪميٽي گوادر کان ڪوئٽا، خضدار تائين ريلوي پٽڙي وڇائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. آغا شاهه زيب دراني جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيئرمين پڇيو ته موٽروي تي ٽول ٽيڪس گهٽائڻ جا ڪهڙا سبب آهن جنهن تي اين ايڇ اي انتظاميه ٻڌايو ته وڏي ٽريفڪ جي گهٽجڻ سان 2 فيصد ٽول ٽيڪس گهٽ مليو آهي. عثمان ڪاڪڙ چيو ته سي پيڪ تي مسلم ليگ ن غلط بياني کان ڪم ورو انصاف جو نالو استعمال ڪندڙ جماعت به غلط بياني ڪري رهي آهي گوادر کي بلوچستان کان الڳ ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي اُتي سي پيڪ جو ڪو به وڏو منصوبو شروع ناهي ڪيو ويو. ان تي ڪهده بابر چيو ته جيڪي به قرض ورتا ويا اهي پنجاب ۾ خرچ ڪيا ويا اسان چاهيون ٿا ته گوادر پورٽ ٺهي ۽ ملڪ جو فائدو ٿئي. عثمان ڪاڪڙ ريلوي لائن گوادر کان خضدار تائين شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي ته وزارت ريلوي انتظاميه ٻڌايو ته فنڊ ناهن ايم ايل ون شروع ٿيندو ته ڪم شروع ڪيو ويندو جنهن  تي ڪهده بار چيو ته ايم ايل ون گوادر کان شروع ڪئي وڃي ڪراچي کان شروع ڪرڻ غلط آهي 8 ڪلو ميٽر ٽريڪ جي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي جڏهن ته انتظاميه جواب ڏنو آهي ته ڪو به قبضو ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو