گهوٽڪي ۾ گهوٽا ۽ ڀيري تڪرار تان 2 ڄڻا قتل

گهوٽڪي (ن س)گهوٽڪي ڀرسان گهوٽا ۽ ڀيري ڌرين ۾ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، گهوٽا برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري هوٽل تي ويٺل 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو،باغ چنه بس اسٽاپ تي هوٽل تي ويٺل ڳوٺ حاجي ڀيري واسي وڪيل ڀيري ۽ حليم ڀيري کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن نشانو بڻايو،اطلاع تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايا،پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ته واقعو گهوٽا ۽ ڀيري ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان پيش آيو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو