گهوٽڪي فوڊ گدام تي ڇاپو، 14 ڪروڙ جي ڪڻڪ گم، گدام سيل

گهوٽڪي (رپورٽ اسد مير چاچڙ) سول جج ۽ اينٽي ڪرپشن جو گهوٽڪي جي فوڊ گدام تي ڇاپو، ڇاپي کان پهرين فوڊ گدام جو عملو فرار ٿي ويو، سول جج جي موجودگي ۾ اينٽي ڪرپشن جي عملدارن فوڊ گدام کي سيل ڪري ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن جي عملدارن ٻڌايو ته ڊي ايف سي پاران رپورٽ ڏني وئي هئي ته گهوٽڪي جي گدام مان 40 هزار ٻوريون غائب آهن ۽ گم ڪيل ٻورين جي ڪڻڪ جي ماليت 14 ڪروڙ ٿئي ٿي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته گذريل سال فوڊ سينٽر تي مقرر فوڊ انچارج فراز ڪلوڙ ۽ وزير مهر پاران ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سان گڏ گدام مان هزارين ڪڻڪ جو ٻوريو رات جي انڌيري ۾ گم ڪري مختلف فلور ملن تي وڪرو ڪيون ويون هيون. اهڙي شڪايت ڊي ايف سي کي ملڻ کان پوء ڊي ايف سي پاران رپورٽ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور ۾ نيب پاران فوڊ گدامن تي ڇاپن بعد گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن اڳ ۾ ئي ڇاپو هڻي ڇڏيو ته ڪٿي نيب وارا نه پهچن. وڏو گهپلو هئڻ سبب فوڊ ۽ اينٽي ڪرپشن بعد ۾ معاملو سيٽل ڪري سگهن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو