گهوٽڪي جي 30 غير حاضر استادن خلاف ڪاروائي

خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال)ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايووليوشن زين العابدين انصاري ضلعي گهوٽڪي جي مختلف اسڪولن جا اوچتو دورا ڪيا. وزٽ دوران ڊائريڪٽر جنرل تعلقه گهوٽڪي جي گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول عمرڊهو، گورنمينٽ بوائز ڪيمپس هاءِ اسڪول ايوب لکڻ، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالله لکڻ ۾ سرپرائيز وزٽ دوران 30 کان مٿي استادن کي غيرحاضر ڪيو، استادن جي غيرحاضري تي ڊائريڪٽر جنرل سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ غير حاضر استادن جون رپورٽون سيڪريٽري تعليم کي ڪاروائي لاءِ اماڻي ڇڏيون. ان کان پوءِ ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايواليوئيشن گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول گهوٽڪي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گهوٽڪي جو دورو ڪيو جتي استادن جي سٺي ڪارڪردگي تي کين شاباسي ڏني ۽ گورنمينٽ (P) هاءِ اسڪول ۾ ٻوٽو پڻ پوکيو، ان کان علاوه ڊائريڪٽر جنرل مختلف اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري چيڪ ڪئي، امتحاني هالن جو دورو ڪيو جتي هر اسڪول جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ شاگردن توڙي استادن کان نصابي ۽ غيرنصابي سوال جواب ڪيا. ان دوران هن گهوٽڪي ضلعي جي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن بابت رپورٽ تيار ڪئي، هن جو چوڻ هو ته اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻهوند بابت رپورٽ اعليٰ اختيارين کي موڪلي جلد کان جلد مسئلا حل ڪرايا ويندا. آخر ۾ ڊي جي ، سي ايم او گهوٽڪي سنيل ڪمار ۽ تعلقه گهوٽڪي جي مانيٽرنگ ٽيم سان گڏجاڻي ڪري کين اسڪولن جا اوچتو دورا ڪرڻ ۽ غيرحاضر استادن جي نشاندهي ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو