گندو پاڻي نيڪال ڪريو، شهرين جو احتجاج

خيرپور ناٿن شاهه (برڪت چانڊيو)شهباز ڪالوني ۾ گهرن اڳيان گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مولانا عبدالعزيز کونھارو  ڪامريڊ سھيل چانڊيو, يوسف چانڊيو ۽  وڪيل جاويد احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج  ڪيو ويو , جنهن ۾ شھر جي مختلف سياسي سماجي تنظيم جي اڳواڻن ,متاثر ٿيندڙ محلي واسين ۽ ٻارن سميت سوين  ماڻھن شرڪت ڪئي  ۽ سي ايم او  ڪي اين شاھ ۽ پبلڪ ھيلٿ ڊيپارٽمينٽ جي خلاف سخت نعرا هنيا. احتجاج ڪندي محلي واسين دانھيو ته گندو پاڻي بدبوء ڪري ويو آھي ۽ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آھي , جنهن سبب اسان جا معصوم ٻارڙا  مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ۽ گندو  پاڻي گھڻو عرصو ھڪڙي جاء تي بيھڻ جي ڪري گھرن کي نقصان پڻ پھتو آھي. هنن  انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي گندو پاڻي نيڪال ڪري گندگي شهرين کي عذاب کان نجات ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو