گم ٿيل نينگر جو پاڻيءَ جي کڏ مان لاش هٿ

فيض گنج (وسيم سولنگي) ڳوٺ ميوو ڀنگو مان پر اسرار طور تي گم ٿيل 9 سالن جي معصوم نينگر ذوالفقار ولد پيار علي ڀنگو جو ڳوٺ ڀرسان قائم پاڻي واري کڏ مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي علائقي واسي پاڻي ۾ لاش ڏسي وارثن ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس ۽ نينگر جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي لاش پاڻي مان ڪڊي رورل هليٿ سينٽر فيض گنج منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ نينگر جي پيءَ پيار علي ڀنگو صحافين  سان ڳالهائيندي چيوته منهنجو پٽ ڪالهه شاهه پر اسرار طور تي گم ٿيو هو جنهن جي ڪافي گولا ڪئي پر هٿ اچي نه سگهيو هن چيوته جنهن کڏ مان نينگر جو لاش هٿ آيو آهي اتي پڻ ڳولا ڪئي وئي هئي رات دير سان منهنجي معصوم پٽ کي قتل ڪري مڻڪو ڀڃي جوابدار لاش کڏ ۾ڦٽو ڪري ويا آهن. هن چيوته منهنجي ڪنهن سان به دشمني نه آهي ظلم ٿيو آهي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او فيض گنج هاشم هڪڙو ٻڌايو ته نينگر جو مڻڪو ڀڳل آهي مٿي ۾ هڪ ڌڪ به لڳل آهي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد واقعي جي وڌيڪ خبر پوندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو. کي  گرفتار ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو