گل حسن ڪيڙانو جي سالگرهه ۽ سائين پرويز جي مهورت

دڙو (امداد ميمڻ) ڳوٺ لاکا ۾ عوامي تحريڪ جي باني اڳواڻ گل حسن عرف عارب ڪيڙانو جي 57 سالگرهه تقريب ملهائي وئي. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي جي ڪتاب “سائين پرويز” جي مهورتي تقريب به ٿي. ان موقعي تي ڏاڏا قادر رانٽو خطاب ڪندي چيو ته گل حسن ڪيڙ انو سنڌ تي آيل مشڪل ۾ عوامي تحريڪ  سان سلهاڙجي جيڪا سنڌ ۽ مظلوم سنڌي قوم  جي خدمت ڪئي آھي. سندس جدوجھد تاريخ جو هڪ حصو آھي. هن چيو ته گل حسن ڪيڙانو پنهنجي گهر کي سنڌ ۽ سنڌي قوم خاطر الوداع چئي سڄي زندگي قائد انقلاب رسول بخش پليجو سان گڏ جدوجهد ۾ گذاري. هن چيو ته آمر جرنل ضياء الحق جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ سميت سنڌ دشمن منصوبي ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اديب يوسف سنڌي خطاب ڪندي چيو ته گل حسن ڪيڙانو سنڌي قوم جو سرمايو آھي. هن چيو ته اسان وٽ ليڊرن جون ته سالگرهون ملهايون  وينديو ن آھن پر جدوجهد ڪندڙ  ڪارڪنن جون سالگرهه ملهائڻ جو رواج گهٽ آھي.

هن چيو گل حسن ڪيڙاني جي جدوجهد جي پويان سندس گهر واري ادي آمنه جو وڏو هٿ آھي. ڪھاڻيڪار ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز چيو ته گل حسن ڪيڙانو جنهن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو اهو پٺتي پيل علائقو آھي. ان ۾ گل حسن ڪيڙانو جهڙو باڪردار انسان اسان لاء فخر آھي هن چيو گل حسن ڪيڙانو هميشه مظوم  طبقي لاء جدو جهد ڪئي آھي. گل حسن ڪيڙاني تقرير ۾ چيو ته مون زندگي جا 50 سال عوامي تحريڪ  سان  گڏ گذاريا آھن جن ۾ مون پنهنجي سموري زندگي سنڌ ۽ مظلوم ماڻھن لاء ارپي ڇڏي آھي. هن چيو محترم رسول بخش پليجو جي نظريي  کان متاثر ٿيس. جنهن جي ڪري مونکي پليجي صاحب سان گڏ  جدوجهد ڪرڻ جو موقعو مليو جهن ڪري آئون پاڻ کي خوش نصيب ماڻھن ۾ سمجهان ٿو. سالگرهه جي  جلسي  کي مجاهد مالهيو  گهنور خان زنئور، حسين آزاد، حسنه ٻائيار، آمنه ڪيڙانو، ڪونج ڪيڙانو، ساجده پرهياڙ، ايوب ٻائتار، بلاول لاشاري، عزيز ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته جلسي دوران  يوسف سنڌي جو لکيل ڪتاب“ سائين پروز” جي مهورت ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو