ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گلوبل فائر پاور پاران 2019 جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي فوج کي دنيا جي 15 هين وڏي طاقتور فوج جو درجو ڏنو ويو آهي. چين، جاپان، پاڪستان ۽ دنيا جي ڪجهه ملڪن جي درجه بندي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتري آئي آهي، جڏهن ته برطانيا، ايران، اسرائيل، انڊونيشيا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جي فوجن جي طاقت ۾ پوئين سال جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. گلوبل فائر پاور نالي ويب سائيٽ 55 انفرادي نقطن جي بنياد تي دنيا جي طاقتور ترين فوجن جي درجا بندي ڪندي آهي، جن ۾ فوج جو تعداد، جهاز، ٽئنڪ، ميزائل، هٿيارن جي ڪٿ، جديد انڊسٽري، ٽيڪنالوجي، جيوگرافي، لاجسٽڪ قوت ۽ ٻيا پيمانا شامل آهن. تنظيم جو چوڻ آهي ته هو ايٽمي قوت کي ڳڻپ ۾ نه آڻيندا آهن. جاري ڪيل لسٽ موجب پهرين نمبر کان 15 نمبر تائين ڄاڻايل ملڪن ۾ ترتيبوار آمريڪا، روس، چين، ڀارت، فرانس، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، برطانيا، ترڪي، جرمني، اٽلي، مصر، برازيل، ايران ۽ پاڪستان شامل آهن. گلوبل فائر پاور جي لسٽ ۾ 137 ملڪن جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي فوج جو تعداد 12 لک کان وڌيڪ آهي ۽ سندن بجٽ 7 ارب ڊالر آهي. جنگي جهازن جي حوالي سان پاڪستان کي 7 نمبر تي بهتر فوج ڄاڻايل آهي. پاڪستان فوج وٽ 348 فائٽر جهاز آهن، 2200 جنگي ٽئنڪ ۽ 197 سامونڊي جنگي اثاثا آهن. جن ۾ ميزائيل برادر بيڙيون، جديد جاسوسي وارا ويڙهاڪ جهاز وغيره شامل آهن. ڄاڻايل لسٽ ۾ پاڪستاني فوج آسٽريليا، ڪيناڊا، سعودي عرب، اسرائيل، اندونيشيا، اتر ڪوريا سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن کان وڌيڪ طاقتور فوج آهي.
