گرفتار سمگلر کي بچائڻ لاءِ سياسي شخصيتون سرگرم

چيلهار(ساجد نهڙي) چيلهار پوليس پاران گرفتار ڪيل منشيات فروش ۽ مک سمگلر کي بچائڻ لاءِ ٿرپارڪر جون اهم سياسي شخصيتون سرگرم ٿي ويون آهن. ايس ايس پي ٿرپارڪر اڱاري تي اعلان ڪيو هو ته هو علي سميجو کي گرفتار ڪندو. جنهن بعد ٿرپارڪر جو اهم سياسي شخصيتن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ سروع ڪيو آهي ۽ پوليس تي خاموش رهڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. اڱاري تي چيلهار پوليس ڪاروائي ڪندي پراڊو ڳاڏي ۾ وڏي مقدار ۾ نشي آور پڙيون هٿ ڪري جوابدار مٺن سميجو کي گرفتار ڪيو هو جڏهن ته ٻيو جوابدار سالار ولد هندال سميجو فرار ٿي ويوهو. پوليس ڪاروائي ڪندي جوبدار مٺن سميجو کي نشي آور 42 سفينا جي ڪٽن ۽ پراڊو گاڏي سميت گرفتار ڪري مٿس چيلهار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيوهو. چيلهار پوليس ڳجهي اطلاع تي ايس ايڇ او ماجد قائمخاني جي اڳواڻي ۾ ڇاڇري کان نشي آور پڙيون کڻي ايندڙ پراڊو ڳاڏي کي روڪيو ته جوابدارن پوليس موبائيل کي ٽڪر هڻي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي چيلهار پوليس پيڇو ڪندي کين ڇاڇري تعلقي جي حد ڳوٺ اوڏاڻي وٽ جوابدارن جي ڳاڏي جا ٽائر برسٽ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو هو.

ايس ايس پي ٿرپارڪر عبدالله احمد يار، چيلهار ٿاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته علي سميجو ٿرجو وڏو سمگلر ۽ منشيات فروش آهي ان خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو. ايس ايس پي ٿرپارڪر چيلهار جي ايس ايڇ او ماجد قائمخاني کي ڪامياب ڪاروائي ڪرڻ تي ويھ هزار روپيا روڪ انعام پڻ ڏنو. ايس ايس پي موجب هٿ ڪيل منشيات جي ڪاٽونن جي ماليت 20 لک روپيا آهي

پهنجو تبصرو موڪليو