گاريون ۽ بدتميزي ن ليگ جو ڪلچر ناهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جو چوڻ آهي ته پارٽي نوجوانن جي هٿن ۾ قلم، ليپ ٽاپ ۽ ڊگريون ڏيڻ چاهي ٿي.لاهور ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي مريم نواز چيو ته بندوق، گالي ۽ بدتميزي مسلم ليگ (ن) جو ڪلچر ناهي.مريم نواز مسلم يوٿ فيڊريشن جي عهديدارن سان ذاتي طور تي انٽرويو ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته هو پارٽي ۾ وڌ کان وڌ شاگردن کي شامل ڪن.چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته پارٽي ۾ شاگردن کي نمايان جڳهه ڏني وڃي، نوجوانن جي بهتري ۽ مستقبل لاءِ سٺا فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ نوجوانن جو ڪردار تمام اهم آهي، مسلم ليگ (ن) جي مقبوليت ۾ نوجوانن جو به اهم ڪردار آهي.مريم نواز وڌيڪ چيو ته اربين رپين جا قرض شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ نوجوانن کي روزگار لاءِ ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو