لاهور(ويب ڊيسڪ) گادي نشين جو ڀائٽيو به بجلي چور نڪتو، ليسڪو جي ڇاپا مار ٽيم کي ڏسي فرار ٿي ويو. ليسڪو جي ٽيم سندس گهر جي ڪنڊي ذريعي استعمال ٿيندڙ ڪنيڪشن ڪٽي تارون کڻي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڦول نگر ۾ گادي نشين پير حسن شاهه گرديزي کي بجلي چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن بعد سندس ڀائٽيو حسنين شاهه گرديزي جي گهر تي ڇاپو لڳو. ليسڪو ٽيم موجب حسنين جي گهر ۾ 3 ايئرڪنڊيشنڊ ۽ هڪ مدرسو سندس لڳايل ڪنڊي تي هلي رهيا هئا. مٿس 6 لک روپيا ڏنڊ وجهي ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.
