گاجي شاهه تي ڌمال دوران موج ۾ مست ٿي گهوٽڪي واسڻ عورت فوت

ڊرگھه بالا (رپورٽ جي ايم لنڊ) ڪاڇي جي مشهور بزرگ اولياء پير گاجي شاه جي مزار تي موج هڻڻ دوران گهوٽڪي واسڻ ناري حسنا ڌيء عبدالجبار شر پراسرار نموني فوت ٿي وئي آهي. ناري جو لاش تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو، جتي ناري جي والد جبار شر ٻُڌايو ته سندس ڌيء حُسنا گهڻي عرصي کان مسلسل بيمار هئي ڏس مليو ته گاجي شاه جي درگاه تي ڌمال هڻندي ته صحتياب ٿي ويندي. ڌيء موج پئي ڪيو ته اوچتو بيهوش ٿي وئي ۽ فوت ٿي وئي آهي. گاجي شاه پوليس اهڙو ليٽر ڏئي کين روانو ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گاجي شاهه جي مزار تي چرين کي زنجيرن ۾ ٻڌو ويندو آهي ۽ جن ڪڍڻ جي حوالي سان هي درگاهه مشهور آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو