ڪي اليڪٽرڪ ورڪرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي ( رپورٽ شهزادو مستوئي )ڪرائون اليڪٽرڪ ڪمپني ورڪرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام، گذريل ڏينهن ڪمپني جي گيٽ اڳيان پورهيت جي ون ٽو فائي موٽر سائيڪل چاٻي چور ڪاهي فرار انتظاميا اگھور ننڊ ستل، تفصيل موجب بن قاسم انڊسٽريل ايريا ۾ قائم ڪرائون اليڪٽرڪ فيڪٽري ورڪرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، گذريل ڏينهن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدور اظهر ولد بخشل جي 125 kof-1315 موٽر سائيڪل جنهن جي قيمت 1,43000 آهي ڪمپني جي گيٽ اڳيان لڳل پارڪنگ مان نامعلوم جوابدار چوري ڪري فرار ٿي ويا معلومات ڪرڻ تي ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊ لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ اظهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون ڪرائون اليڪٽرڪ فيڪٽري ۾ هيلپر طور ڊيوٽي ڪندو آهيان ڪمپني جي طرفان ٽرانسپورٽ جي سهولت نه ھجڻ ڪري آئون پنهنجي گاڏي تي ايندو ويندو آهيان، ڪالھ جڏهن آئون ڊيوٽي تان موڪل بعد ٻاهر نڪتم ته منهنجي گاڏي kof-1315 موجود نه هئي سيڪورٽي گارڊن کان معلوم ڪرڻ تي انهن لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو جڏهن ته ذميواري انهن جي آهي، سندس چوڻ هو ته مون بن قاسم ٽائون ٿاڻي تي درخواست پڻ جمع ڪرائي آهي منهنجي ايس ايس پي ملير، ايس ايڇ او بن قاسم ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون کي پنهنجي موٽر سائيڪل واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ ڪمپني اڳيان مجبور ٿي احتجاج ڪندس۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو