ڪڻڪ جي بهتر اپت لاءِ ڄاڻ بابت سيمينار منعقد

نوشهروفيروز (ن س) زراعت کاتي پاران ڊي سي ڪامپليڪس ۾ ڪڻڪ جي پوک ۽ جديد  پيداواري حڪمت عملي جي عنوان سان هڪ ڏينهن جو سيمينار ڪرايو ويو جنهن ۾ ڊائريڪٽر ايگريڪلچر شهيد بينظير آباد غلام مصطفيٰ جمالي، سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ اشفاق احمد تڳر سميت ٻين آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگرڪلچر نوشهروفيروز غلام مصطفيٰ ميمڻ  چيو ته ڪڻڪ جو فصل انساني زندگي جي واڌ ويجهه لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو ان لاءِ ان جي پوکائي وقت زمين کي هموار ڪرڻ سان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي ملڪ ۾ 95 سيڪڙو ڪڻڪ خوراڪ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي.

هن چيو ته ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي وقت اهڙي زمين جي چونڊ ڪجي جيڪا زرخيز ۽ نامياتي مادي سان ڀرپور هجي زمين کي هر ڏياري ڀتر ڀڃي ڀور ڪري پوءِ وقتائتو پاڻي ڏئي هميشه سفارش ٿيل جنس جي پوک ڪجي. هن چيو ته ڪڻڪ جي پوکيءَ جا ٽي طريقا آهن ڇٽ کيڙ، کر يا ۽ ناڙي پوک ڪرڻ کان پوءِ تصديق ٿيل ڀاڻ ڏئي گند گاهه جي صفائي لاءِ تصديق ٿيل دوائن جو استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ڪڻڪ جي واڌاري ۾ اضافو ٿي سگهي. سيمينار کي ڊپٽي ڊائريڪٽر نوشهروفيروز الطاف حسين چنڙ، عبدالحفيظ سومرو، مشتاق احمد چنڙ، محمد اڪرم ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو