ڪٻاڙڪو ڪم ڪندڙ نوجوان گُم، وارث پريشان

خيرپور ناٿن شاھ (وفا معشوق علي کوکر) ڳوٺ بگ ٻرڙا جو رھواسي 20 سالن جو نوجوان ڪاٻاڙڪو ڪم ڪندڙ آصف علي کوسو پٽ محمد قاسم کوسو جيڪو ڳوٺ کان ڪراچي جي شير شاھ واري علائقي ۾ مزدوري ڪندو ھو. ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان نوجوان جي وارثن اعجاز کوسو، حسينا کوسو، ھيدان کوسو، حجراھ کوسو ۽ خليل کوسو پاران نٽھڻ اس ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو تہ اسان جي گھر جو ڀاتي آصف کوسو جنھن کي ٽي مھينا گذري ويا، جيڪو ھئير تائين گھر واپس نه آيو آھي سندن جو والد محمد قاسم بيماري سبب بستري تي پيل آھي جنھن جي ڪري سندن جي گھر جو گذر صفر انتھائي ڏکيو پيو گذري. آصف کوسو جي امڙ لڙڪ هاريندي صحافين کي ٻڌايو ته منھنجو ھڪڙو ئي نوجوان پٽ آھي جيڪو منھنجي گھر کي ھلائڻ جو واحد ذريعو آھي اسان جي زندگي برباد ٿي وئي آھي. هنن آءِ جي سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوان پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو