ڪي پي ۾ برسات، ڇپون ڪرڻ سبب ٻارن سميت 13 ڄڻا فوت

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران گهرن جي ڇتن تي ڇپون ڪرڻ جي ڌار واقعن ۾ ٻارن سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.صوبائي گادي واري شهر ۾ وقفي وقفي سان پوندڙ برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن سبب زندگي جو نظام مفلوج ٿي ويو. ٻئي طرف مٿانهين وارن علائقن ۾ برفباري سبب اهڙن علائقن جو رابطو ٻين علائقن سان ڪاٽا ٿي ويو آهي. ڊي ايم اي موجب بند رستن کي کولڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي پر لاڳيتو پوندڙ برفباري سبب ڪم ۾ رنڊڪ پئجي رهي آهي.هوڏانهن لوئر دير جي علائقي ۾ هڪ گهر جي ڇت تي مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو 1122 موجب ملبي هيٺيان 4 ڄڻن جي دٻجي وڃڻ جي اطلاع هئي جنهن تي ڪارروائي ڪندي 3 لاش ۽ هڪ زخمي کي ڪڍيو ويو آهي. فوت ٿي ويلن ۾ 25 ورهين جو زاهد ولد شير مولا، 23 ورهين جي عورت، 5 ورهين جي حريره جڏهن ته 3 ورهين جو طفله ارحم عمر زخمي ٿي پيو آهي.ريسڪيو 1122 موجب باجوڙ غاخي ڪنڊو ماموند ۾ تيز برسات سبب ڪچي گهر جي ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻار فوت ٿي ويا. ڪنٽرول روم کي اطلاع ملندي ئي ڊيزاسٽر ۽ ميڊيڪل ٽيمون موقعي تي پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ مقامي ماڻهن سان ملي ٻارن کي ملبي مان ڪڍيو ويو. مالاڪنڊ ۾ امدادي اداري جي رپورٽ موجب تازن برساتن جي نتيجي ۾ بٽ خيله، خٽڪي قبرستان ڀرسان گهر جي ڇت ڪري پئي. جنهن ۾ 5 ڄڻا دٻچي ويا. ريسيڪو ٽيمن ملبي مان نور رحمان زال رحمان، 10 ورهين جي گلالئي، 7 ورهين جي حورا ۽ 5 ورهين جي ماهه نور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن هڪ عورت زال نور رحمان ۽ 5 ورهين جي ڌيءَ ماهه نور جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو