اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.نيپرا پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 31 پئسا مهانگو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 2 رپيا 31 پئسا مهانگو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جون جي فيول ايڊجسٽمينٽ سبب ڪئي وئي آهي.نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب نيپرا جون جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 2 رپيا 34 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، اٿارٽي 26 جولاءِ تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي.نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ آگسٽ مهيني جي بلن تي لاڳو ڪئي ويندي.
