ڪو ڪ اسٽوڊيو جي “ماهي ديان جهوڪان” جي ڌوم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪوڪ اسٽوڊيو 12 جي “ماهي ديان جهوڪان” دل کٽي ورتا. هلندڙ مهيني ڪوڪ اسٽوڊيو 12 جي پرومو اچڻ سان ئي مداحن کي بي چين ڪري ڇڏيو هو، سيزن 12 جو پرومو ڏسندي ئي سمجهي ويا هيا ته هن ڀيري کين منفرد گانا ٻڌڻ لاءِ ملندا. ان سان گڏ عاطف اسلم جي “وهي خدا هي“ کي جتي موٽ ملي آهي، اتي ڪجهه ماڻهن طرفان ان تي تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي، ”وهي خدا هي” کي استاد نصرت فتح علي خان سميت ڪيترائي فنڪار ۽ حمد پڙهندڙن به ڳايو آهي. ڪوڪ اسٽوڊيو 12 جي پهرين قسط ۾  3 گانا جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ”دم مستم“ راحت فتح علي خان، ٻيو رم پم“ ذوئي وڪاجي ۽ شهاب حسين ڳايو آهي، تنهن هوندي پهرين قسط جي 3 گاني “ماهي ديان جهوڪان“ کي وڏي موٽ ملي جنهن کي جمال فقير تروپ ۽ سندس ساٿين گڏجي ڳايو آهي. ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ هن ڀيري عاطف اسلم، استاد راحت فتح علي خان، حديقه ڪياني، عمائمه بيگ، ابرار الحق، فريحه پرويز، حيدر شجاع، علي سيٺي، فريد آياز، ڪاشف دن، نمر رفيق، قرت العين بلوچ، ريچل ويڪاجي، ساحر علي بگا، صنم ماروي، زيب بنگش، شهاب حسين، عمير جوال، ذوئي ويڪاجي جهڙا فنڪار شامل آهن

پهنجو تبصرو موڪليو