ڪورونا وگهي وڌيڪ 102 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 102 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار 528 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ٽيسٽن جو انگ 12لک65هزار499 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 070 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 8لک93هزار461 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 3 لک 04 هزار 571،  پنجاب ۾ 3 لک 32هزار، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 28 هزار 561، اسلام آباد ۾ 80 هزار 010، بلوچستان ۾ 24 هزار 310، آزاد ڪشمير ۾ 18 هزار 547 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 454 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾  ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 63 هزار 229 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 102 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 20 هزار 089 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو