بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڦهلجندڙ ڪورونا وائرس سبب 170 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته عالمي صحت جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي چين کان ٻاهر منتقل ٿيڻ تي تشويش جو اظهار ڪيو آهي ۽ خطي کان ڪڍيل غير ملڪين جي سخت نگراني جاري آهي. غير ملڪي خابرو اداري مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سان فوت ٿيندڙن جو تعداد 38 ٿي ويو آهي جڏهن ته 1 هزار 737 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ مجموعي طور ڪيسن جو تعداد 7 هزار 711 ٿي وئي آهي. تازو وائرس سبب فوت ٿيندڙ 37 ماڻهن جو تعلق صوبي هوبي سان آهي جڏهن ته ڏکڻ اولهه صوبي سيچوان ۾ هڪ ماڻهو فوت ٿيو. هوبي جي 1 ڪروڙ 10 لک جي آبادي واري شهر ووهان کان 195 آمريڪين کي واپس گهرايو ويو جتي ان وائرس جو آغاز ٿيو هو. جڏهن ته اتان ڪڍيل سڀني آمريڪين کي ڪيليفورنيا جي ڏکڻ حصي ۾ قائم فوجي اڏي ۾ 3 ڏينهن تائين نگراني لاءِ رکيو ويو آهي ته جيئن هو وائرس کان محفوظ رهي سگهن. جاپاني وزارت خارجه مطابق ووهان کان 210 جاپانين جو گروهه اڄ ٽوڪيو جي هانيڊا ايئرپورٽ تي حڪومت جي چارٽر جهاز ذريعي لاٿا ويا. رپورٽس مطابق ان مان 9 ماڻهن ۾ زڪام ۽ بخار جون علامتون سامهون آيون. جاپاني وزيراعظم شنزو آهي پارلياماني اجلاس دوران ٻڌايو ته 206 مان 3 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. فرانس، نيوزيلينڊ، آسٽريليا، سينگاپور ۽ ٻين ملڪن به پنهنجا شهري واپس گهرائڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ مطابق متاثر علائقن ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جي پورائي ڪرڻ لاءِ انتظاميه قدم کڻي رهي آهي ته جيئن مسلسل فراهمي ۽ قيمتون به مستحڪم رکي سگهجن. هن چيو ته وزارت ڪامرس جي ڊيٽا ۾ ٻڌايو ويو ته ووهان ۾ موجود ذخيرا 15 ڏينهن تائين باحفاظت چانور ۽ تيل جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهون ٿا جڏهن ته سوئر جي گوشت ۽ بيضن 10 ڏينهن ۽ سبزيون 5 ڏينهن تائين فراهم ڪري سگهجن ٿيون. حڪومت طرفان ڪو به نقصان جو ڪاٿو ظاهر ناهي ڪيو ويو ته هو ان موذي مرض کي ڪيئن روڪيندا ۽ ڪيترو خرچ ايندو پر ڪجهه ماهرن مطابق اهو وائرس 2 هفتن ۾ عروج تي پهچي ويندو.
