ڪورنگي ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪري پئي، ڪيترائي ڄڻا زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ پي اين ٽي سوسائٽي ڀرسان فيڪٽري جي ڇت ڪري پئي.ڪارخاني جي ڇت ڪرڻ سبب ڪيترائي ڄڻا دٻجي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب فيڪٽري ۾ بيڪري جون شيون ٺاهيون وينديون هيون.پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪار امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 11 زخمين کي ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو