ڪنٽرول لائن جي خلاف ورزي، 24 ڪلاڪن ۾ ٻيو ڀيرو ڀارتي نمائندو طلب

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري جي خلاف ورزي تي پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي کاتي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ٻيو ڀيرو طلب ڪري احتجاج نوٽ ڪرايو آهي. ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر گورو اهلوواليا کي ڊاڪٽر فيصل احتجاج نوٽ ڪرائيندي چيو ته ڀارت مسلسل سيزفائر جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هن کيس چيو ته ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ۾ ڪڍيل ريلي تي ڀارتي فوج فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 4 شهري زخمي ٿي پيا. ڊاڪٽر فيصل کيس چيو ته سيز فائر جي خلاف ورزي کان پاسو ڪيو وڃي. ياد رهي ته 2017 کان ڀارت پاران ڪنٽرول لائن جي خلاف ورزين ۾ لڳاتار اضافو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو