ڪمشنر راولپنڊي بابت عامر مير جا حيرت انگيز انڪشاف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير ايڪ ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزيرمحسن نقوي ڪمشنر راولپنڊي جي بيان جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا جو دماغي تواز ٺيڪ ناهي ان بابت به جاچ ڪرائي ويندي. عامر مير چيو ته 13 مارچ تي هو رٽائر ٿيڻ وارو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس پروموشن لاءِ بورڊ ٿيو هو ۽ گريڊ 20 مان 21 ۾ کيس پروموشن نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تي هو ڪافي پريشان هو. ياد رهي ته ڪمشنر راولپنڊي اڄ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته راولپنڊي ڊويزن جي 13 قومي اسمبلي جي سيٽن تي ستر ستر هزار جي ليڊ سان کٽندڙ اميدوارن کي هنن سياسي دٻاءَ سبب هارائڻ لاءِ ڪوڙا ٺپا هڻي هارايو ۽ هارائيندڙ اميدوارن کي ڌانڌلي ذريعي کٽرايو ويو. ياد رهي ته راوپنڊي ڊويزن جنهن ۾ اٽڪ، راولپنڊي، چڪوال، جهلم ۽ مري ضلعا شامل آهن، انهن جي 13 قومي اسمبلي جي سيٽن مان هڪ تي پيپلز پارٽي جو راجا پرويز اشرف ۽ ٽيڪسيلا مان هڪ آزاد اميدوار ۽ 11 مسلم ليگ (ن) جا اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. ٽيڪسيلا مان کٽيل هڪ آزاد اميدوار به مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو. پي ٽي آءِ وڏي پيماني تي ڌانڌلي جا الزام لڳائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو