ڪلف مال جي واپاري تنظيم جي چونڊ

ڪلف مال جي واپاري تنظيم جي چونڊ

ڪراچي (پ ر)ڪلف شاپنگ مال ڪلفٽن ۾24/ 2023 جي اليڪشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ واپارين جي نمائنده تنظيم ڪاميابي حاصل ڪئي. نئين چونڊيل عهديدارن ۾ محمد جهانزيب (صدر) ، محمد شاهد ( چيئرمين) ، سعد مرزا ( جنرل سيڪريٽري) ، محمد آصف (فنانس سيڪريٽري) ، محمد شڪيل ( پريس سيڪريٽري) ، سعيد خان ( مشير خاص)، دلنواز سينيئر ميمبر ۽ ٻيا يونين ميمبر شامل آهن. مهمان خاص ڪراچي تاجر اتحاد جو چيئرمين جناب عتيق مير ڪاميابي ماڻيندڙ ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ڪلف شاپنگ مال جي واپارين جي ويلفيئر ايسوسي ايشن جي جائز حقن جو تحفظ منهنجي پهرين ترجيح آهي. واپاري برادري منهنجي طاقت آهي. آءُ هميشه هنن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندس، هنن جي حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندس. مهانن ۾ دائود شيخ ، نعيم سجاد، طارق ۽ فرخ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي چيئرمين محمد شاهد سمورين واپاري تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين شاپنگ مال جي واپاري برادري جي نمائندن ۽ دڪاندارن جي آمد تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته واپارين جي فلاح وبهبود جي لاءِ اسين گڏجي جدوجهد ڪندا سين.

پهنجو تبصرو موڪليو