ڪشمور، انڊس هاءِ وي تي حادثو، 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڪشمور، انڊس هاءِ وي تي حادثو، 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڪشمور:(ن س) ڪشمور ڀرسان مزاري ڳوٺ ٿاڻي جي حد سريا روڊ تي انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ يورو ويگن وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ بڊاڻي واسي عورت مائي خيران ۽ سندس ڀائٽيو نينگر رفيق احمد سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته عورت جو پنجن ورهين جو معصوم پٽ علي حسن موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.واقعي کان پوءِ علائقي واسين ۽ موجود ماڻهن زخمين کي ترت طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان ريفر ڪري ڇڏيو. رحيم يار خان اسپتال ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويندڙ معصم علي حسن مزاري جي امڙ مسمات خيران به اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.ذريعن موجب حادثي جو شڪار ٿيل خاندان جو تعلق بڊاڻي شهر جي گلراڻي مزاري برادري سان آهي. هوڏانهن حادثي کان پوءِ يورو ويگن جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس يورو ويگن کي تحويل ۾ وٺي واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو