ڪرپشن ڪيس ۾ ٺيڪيدار جي گرفتاري لاءِ نيب جا ڇاپا

تلھار(عاجز انور لاشاري) نيب پوليس سان گڏ ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد هڪ ٺيڪيدار جي گهر تي ڇاپو هنيو جيڪو گهر تي موجود نه هو. تلهار جي سال 2010 کان 2014 تائين 11 ڪروڙ جي ڪرپشن جو معاملو نيب وٽ هلندڙ آهي. تلھار شھر جي سماجي اڳواڻ نواز جتوئي سال 2013 ۾ يارنھن ڪروڙ جي مبينا ڪرپشن ۾ ملوث سياسي اڳواڻن، ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن خلاف نيب ۾ ڪيس داخل ڪرايو ھو. جنهن بعد ڪامورن مختيار ڀوت، مصطفي ميمڻ, منير خواجه, لياقت خواجه ۽ اسلم ڪوريجو رضاڪارانه طور مبينه طور خرد برد ڪيل ٽائون جو پئسو واپس پڻ ڪيو ھو. ان کان علاوه 8 ٻين جوابدارن خلاف پڻ نيب ڪورٽ ۾ ريفرينس داخل ڪيو ويو ھو جنھن ۾ جوابدار موجوده پ پ پ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر جا فرزند مير عمران علي ٽالپر مير ريحان ۽ راڄوخاناڻي جو ٺيڪيدار ديوان راجا شڪرن، ڊسٽرڪٽ لوڪل فنڊ جو آڊيٽر اخلاق سوڍو ڀيل, حسن سومرو, عمران ملاح ۽ ابراھيم ملاح سميت فاروق جمالي پڻ ڪيس ۾ نامزد ھئا جن ھاءِ ڪورٽ مان پنھجو ضامن پڻ ڪرايو هو. بعد ۾ ھا۽ ڪورٽ ۾ ضامن رد ٿيڻ بعد جوابدار سپريم ڪورٽ پھچي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ھئي جيڪا درخواست رد ٿيڻ بعد ڪورٽ ٻاھران ئي فاروق جمالي ۽ حسن سومرو کي نيب بروقت گرفتار ڪري ورتو ھو جڏھن ته مير عمران ٽالپر، مير ريحان, ديوان راجا, اخلاق, سوڍو ڀيل, عمران ملاح ۽ ابراھيم ملاح اڃا تائين فرار آھن. جن جي ڳولا لا۽ نيب عملو پوليس سان گڏ تلھار شھر ۾ سرگرم آھي. ابراھيم ملاح جي گھر ڀاتين سميت پاڙيسرين کان بيان وٺي نيب عملو راڄوخاناڻي ڏانھن روانو ٿي ويو. اڃان نامزد جوابدار نيب کي ھٿ نه اچي سگھيا آھن. ياد رھي ته تلھار شھر جي شھري نواز جتوئي جي فرياد تي ٻيو ڪيس به سال 2015 ۾ نيب وٽ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر علي نواز ڀوت ۽ اڳوڻي ٽائون آفيسر اعجاز شيخ ۽ ٻين خلاف داخل ڪرايو  ويو ھو جنھن جو انڪوائري آفيسر عمير قريشي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو