ڪرپشن ذريعي لٽيل 326 ارب روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن. نيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته 326 ارب جي لٽيل رقم واپس ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي آهي، ان جي ڀيٽ ۾ نيب جو خرچ ڪجهه به ناهي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪو طبقو 35-40 سالن کان اقتدار ۾ رهيو ۽ ٻيو طبقو ڪجهه مهينن کان اقتدار ۾ آهي، پهرين اُنهن جو احتساب ٿيندو بعد ۾م مهينن وارن جو پر اسين ته انهن جو به ااحتساب ڪري رهيا آهيو. نيب چيئرمين چيو ته نيب سياسي انتقام تي يقين نٿو رکي ۽ سياست ۾ پوڻ اُن جو ڪم به ناهي. اسان جو ڪم رڳو ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ آهي. جيڪي ماڻهو پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ ۽ عدالتن کان ٻاهر اچڻ تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته نيب سياسي انتقام وٺي رهيو آهي، اُنهن کان ادب سان پُڇان ٿو ته توهان کان ڇو سياسي انتقام وٺنداسين. توهان اسان جي خلاف ڪجهه ناهي ڪيو، جيڪو ڪجهه ڪيو، اُهو ملڪ جي خلاف ڪيو. سندس چوڻ هو ته نعرو لڳائڻ سولو آهي ته نيب سياسي انتقام وٺي پيو۽ هڪطرفي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، توهان ثابت ڪريو ته نيب چيئرمين سوڌو ڪو عملدار سينيٽر، ايم اين اي يا ايم پي اي سان ڪڏهن مليو آهي ته ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت نه پوندي، پاڻ ئي عهدو ڇڏي ڏيندس. هن بلاول ۽ شهباز شريف جو ذڪر ڪندي چيو ته هڪ چوي ٿو نيب جو ڪارو قانون آهي فوجي ڊڪٽيٽر ڏنو ٻيو چوي ٿو ته نيب ۽ نيازي جو ناپاڪ اتحاد آهي مان سندن تنقيد رد ڪريان ٿو هنن سقراط ۽ بقراط قانون پڙهيو ئي ناهي ۽ هرو ڀرو تنقيد ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو