ڪربلا ۾ ڀاڄ 31 فوت، 100 زخمي، 10 جي حالت نازڪ

بغداد(ويب ڊيسڪ) عراقي شهر ڪربلا ۾ عاشورن دوران ڀاڄ سبب گهٽ ۾ گهٽ 31 ڄڻا ڳاهجي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 100 ٻيا زخمي ٿيا آهن جن مان 10 جي حالت نازڪ آهي. ڪربلا ۾ يومِ عاشور جي موقعي تي سوني گنبذ ڏانهن وڌڻ دوران اوچتو ڀاڄ پئجي وئي جنهن سبب ماڻهو ڳاهجي ويا. هر سال يوم عاشور تي دنيا ڀر مان لکين ماڻهو ڪارو لباس اوڍي ڪربلا ايندا آهن، عالمي خابرو ادارن اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته لبيڪ يا حسين جا نعرا هڻندي ماڻهو سوني گنبذ ڏانهن وڌي رهيا هئا ته ڀاڄ پئجي وئي.

عراقي صحت واري وزارت جي ترجمان سيف البدر موجب فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 680 عيسوي سال ۾ الله جي آخري رسول جي ڏوهٽي حضرت امام حسين کي ڪربلا ۾ ان وقت جي حڪمران يزيد ساٿين سميت، جن ۾ عورتون، معصوم ٻارڙا ۽ بزرگ به شامل هئا، تن کي  قتل ڪيو هو. جنهن بعد اسلام ۾ سني ۽ شيعه فرقه ٺهيا. سني حڪمران ڊڪٽيٽر صدام حسين يوم عاشور  ملهائڻ تي عراق م پابندي هنئين هئي پر هاڻي عام موڪل ٿيندي آهي. بغداد جي آس پاس کان علاوه  ڏاکڻن شهرن نجف ۽ بصره ۾ به وڏي عقيدت سان يوم عاشور ملهايو ويو. ياد رگهي ته 2005 ۾ به يوم عاشور جي موقعي تي زيارتين جي هجوم ۾ خودڪش بمبار داخل ٿيڻ جي افواه تي به ڀاڄ پئي هئي جنهن ۾ 965 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. ياد رهي ته اڄ کان 339 سال اڳ امام حسين کي شهيد ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو