ڪراچي ۾ ڪمائڻ لاءِ ايندڙ پٺاڻ، سنڌي ۽ سرائيڪي مهاجر آهن: نقوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪمائڻ لاءِ ايندڙ پٺاڻ، سنڌي ۽ سرائيڪي مهاجر آهن، اسان مهاجر نه پر پاڪستاني آهيون ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران فردوس عاشق اعواڻ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪمائڻ لاءِ ايندڙ سنڌين کي مهاجر ڪوٺيو،ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي فردوس شميم چيو ته توهان پاڻ ۾ ڀلي اتحاد ڪيو، توهان اردو ڳالهائيندڙ آهيو توهان کان وڏا اردو ڳالهائيندڙ اسان آهيون، توهان پاڻ کي مهاجر سڏايو ٿا، اسان مهاجر نه پر پاڪستاني آهيون،هن چيو ته مهاجر ته پٺاڻ، اندرونِ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جا ماڻهو آهن جيڪي هتي ڪمائڻ اچن ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو