ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي مڙس قتل، زال زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ مڙس مارجي ويو جڏهن ته زال زخمي ٿي پئي.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو غيرت جي نالي تي قتل آهي، فائرنگ ڪندڙ شخص زخمي عورت جو ڀاءُ ۽ مقتول جو سينئر سالار آهي، عورت ۽ مرد پسند جي شادي ڪئي هئي.مارجي ويلن جي سڃاڻپ محمد صفدر ۽ عذرا بتول طور ٿي آهي، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جي سڃاڻپ عباس طور ٿي آهي.فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، ايس پي گلشن عزير احمد پوليس سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو.هن چيو ته گهرڀاتين مڙس ۽ زال کي رات جي ماني جي دعوت ڏني هئي، جنهن دوران عورت جي ڀاءُ عباس پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائٽي تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ فرار ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو