ڪراچي ۾ شڪي مڙس ڀائرن سان گڏجي زال جو نَڪ ڪپي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ غيرت جي نالي تي مڙس ڀائرن سان گڏجي زال جو نَڪ ڪپي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر عورت جي مڙس اسماعيل کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جي ڀائرن لقمان ۽ خميسي جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.پوليس اختيارين موجب مڙس جو چوڻ آهي ته زال جي شڪي ڪردار تي مان اهڙو قدم کنيو.پوليس ٻڌايو ته اسماعيل جي ڀاءُ واقعي کانپوءِ عورت جي پيءَ کي فون ڪري آگاهه ڪيو، هو پهتو ته عورت جي ڏير ڪپيل نڪ ڪاغذ ۾ ويڙهي کيس ڏئي ڇڏيو.واقعي جو ڪيس متاثر عورت جي پيءَ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو