ڪراچي ۾ سخت لاڪ ڊائون جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز کي واڌ ۾ نظر رکندي انتهائي سخت لاڪ ڊائون جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون گذريل سال جيان ٿي سگهي ٿو.ڪراچي ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز کي نظر ۾ رکندي شهر ۾ انتهائي سخت لاڪ ڊائون جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون گذريل سال جيان ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان سينئر پوليس آفيسرن جون سفارشون طلب ڪيون ويون آهن. ذريعن چيو آهي ته فيصلو شروعاتي طور تي ڪراچي ۾ ٿي سگهي ٿو.ان سلسلي پوليس آفيسرن اعليٰ آفيسرن کان بجيٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اعليٰ آفيسرن تجويز ڏني آهي ته بجيٽ کان سواءِ لاڪ ڊائون ڪمائي جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو سينئر آفيسرن کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل لاڪ ڊائون ۾ پوليس کي بجيٽ ڏنو ويو هو. هينئر تائين 24 پوليس اهلڪار ڪورونا جو شڪار ٿي شهيد ٿي چڪا آهن. حڪومت ڪورونا ڊيوٽيز دوران شهيد ٿيندڙن لاءِ 10 لک امداد جو  اعلان ڪيو هو پر ڪنهن به پوليس اهلڪار کي اها امدادي رقم اڃان تائين ناهي ملي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو