ڪراچي ڪميٽي خلاف ۽ لاپته ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج

سڪرنڊ )رپورٽ راج ڪماراوڏ) سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي ڪاميٽي ٺاهڻ خلاف صحافي چونڪ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ فيض ڪيريو، خالد سولنگي، جيئي سنڌ محاذ (خالق جوڻيجو گروپ) جي آزاد سمون، شهيد ڀٽو جي منظور احمد جلباڻي، غازي نجيب چانڊيو، گلزار جوڻيجو، شوڪت ڀاڻوجو، سنڌ ڪلچرل فورم جي شفيع محمد ملاح سميت مختلف ڌرين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ڪاميٽي ٺاهڻ جو اصل مقصد ڪراچي تي وفاق جو قبضو مضبوط ڪرڻ آھي ۽ ڪراچي ملڪ کي 75 سيڪڙو ڪمائي ڏئي ٿو جنهن ڪري  هتان جي وسيلن تي قبضو ڪري سنڌ جي رهواسين کي ڪنگال ڪرڻ ۽ انهن کي پوئتي ڌڪڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آھن هنن چيو ته سنڌ ۾بلوچستان جهڙيون حالتون پيدا ڪري اصل ۾ ملڪ جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪي برداشت جوڳيون ناهن هنن بلوچستان ۾ بلوچ نوجوان جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته سنڌ مان به نوجوان کنڀي گم ڪيا پيا وڃن جيڪو عمل بند ٿيڻ گهرجي ۽ گم ڪيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو ڏوھ آھي ته ان تي ڪيس داخل ڪري انهن کي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو