ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي تہ ڪراچي واٽر بورڊ کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويندا ۽ پوليس اسٽيشن قائم ڪئي ويندي، پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪي ايم سي ۾ ميونسپل مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ويندا، 6 آگسٽ تائين هائيڊرنٽس سيل کي ڊجيٽائيز ڪري واٽر بورڊ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ سيوريج لائينن کي آهستي آهستي تبديل ڪيو ويندو ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي مرڪزي آفيس ڪارساز پهچڻ بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو، ميئر ڪراچي جيڪو هاڻي واٽر بورڊ جو چيئرمين پڻ آهي، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کي واٽر بورڊ جي هيڊ آفيس پهچڻ تي ايم ڊي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، چيف آپريٽنگ آفيسر انجنيئر اسدالله خان، ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر روينيو محمد ثاقب ۽ ٻين آفيسرن سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڏکڻ جو جنرل سيڪريٽري ڪرم الله وقاصي ۽ ٻيا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا، ملازمن ميئر ڪراچي تي گلن جي ورکا ڪندي هار ۽ اجرڪون پھرايون، ان موقعي تي ميئر ڪراچي چيو تہ شهرين کي نيگليريا جهڙي موذي مرض کان بچائڻ لاءِ سوئمنگ پولز، مسجدن ۽ ٻين هنڌن تي جتي پاڻي گهڻو استعمال ٿئي ٿو اتي پاڻي ۾ ڪلورين کي شامل ڪيو وڃي ۽ شهر ۾ سوئمنگ پولز جو سروي ڪيو وڃي ۽ ان ڳالھ کي مڪمل يقيني بڻايو وڃي تہ پاڻي ۾ نيگليريا جا جراثيم موجود نہ آهن، ھن چيو تہ سمورا معاملا شفاف نموني هلايا ويندا، واٽر بورڊ ان ڳالھ جي رٿابندي ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ امڪاني برساتن دوران اھي پنھنجي مشينري ڪيئن ۽ ڪھڙن ڪھڙن ھنڌن تي ڪي ايم سي سان گڏجي پاڻي جي نيڪالي لاءِ استعمال ڪندا ڇاڪاڻ تہ اسان جو پهريون ٽارگيٽ مون سون برساتن جي پاڻي جو نيڪال ڪرڻ آهي، ميئر ڪراچي چيو تہ ان حوالي سان شهر جي برساتي نالن ۾ 50 کان 55 هنڌن تي روزانو ڪم جاري آهي، هن چيو تہ شهر ۾ شفاف طريقي سان پاڻي جي ورڇ ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ تہ ڪجهه علائقن کي روزانو پاڻي ملي ٿو جڏهن تہ ڪجهه علائقن کي هفتن تائين پاڻي نہ ٿو ملي، هن چيو تہ جتي جتي بہ پاڻي ضايع يا چوري ٿئي ٿو انتظاميا کي گهرجي ته ان خلاف فوري ڪارروائي ڪري، ڪراچي لاءِ 550 ملين گيلن پاڻي ناڪافي آهي پر جيڪڏهن ان جي ورهاست صحيح طريقي سان ڪئي وڃي تہ اهيو مسئلو وڏي حد تائين حل ٿي سگهي ٿو، هن چيو تہ جڏهن اسان اهيو ڪنداسين تہ ڪجهہ مخالفت ضرور ٿيندي پر اسان کي هر علائقي ۾ پاڻي پهچائڻو آهي ڇاڪاڻ تہ اھيو اسان جي ذميواري جو حصو آهي، هن چيو اسان عوام جي خدمت ۽ سياست کان بالاتر ٿي ڪري انتظامي معاملن کي درست ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو تہ سياسي معاملا ڪائونسل ۽ اسيمبلي ۾ ٿيندا پر اسان کي هتي خدمت ڪرڻي آهي ڇو تہ ڪراچي جي شهرين کي اسان مان وڏيون اميدون آهن، هن جو چوڻ هو تہ آئون ڪراچي کي ڪراچي بڻائڻ چاهيان ٿو ۽ شهري ڪم ٿيندي ڏسندا، آئون هر سياسي پارٽي کي گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿو ۽ ان جو هڪ بهترين مثال عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سامهون آيو آهي جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي مڪاني ادارن جي نمائندن اسان سان ھٿ ملايو ۽ اسان گڏجي ڪري گڏجي عيد الاضحيٰ تي جانورن جي کلن جي نيڪال لاءِ آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ ڪراچي جي 25 ٽائونن ۾ اسان سڀني سان گڏجي ڪم ڪيو، ھن چيو تہ برساتن جي حوالي سان آئون اڄ ھڪڙو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو تہ سموريون سياسي پارٽيون سياسي اختلاف هڪ طرف رکي خدمت جي جذبي سان اڳتي وڌن، ڪراچي جي شهرين جي خدمت تي ڪو بہ سمجهوتو نہ ڪيو ويندو، ماڻهن کي اهيا ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آھي ميئر ڪراچي چيو تہ مون ڪي ايم سي ۾ ڪم ڪيو هو پر واٽر بورڊ منھنجي لاءِ هڪ نئون تجربو آهي ۽ آئون ڪوشش ڪندس تہ واٽر بورڊ مان شهرين کي جيڪي شڪايتون آھن اھي ختم ڪيون وڃن، هن چيو تہ هو جلد ئي سيوريج جي نيڪال بابت هفتي ۾ هڪ ڀيرو شهرين جون سڌي ريت شڪايتون ٻڌڻ شروع ڪندس تہ جيئن اهي شڪايتون گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ختم ڪري سگهجن، هن ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي تہ واٽر بورڊ جي آمدني کي بهتر بڻايو وڃي ڇاڪاڻ تہ آمدني بهتر ٿين سان ملازمن جي بقايائون ۽ پينشن جي ادائيگي ۾ بهتري ايندي.
