ڪراچي ملڪ جو گندو ترين شهر قرار ،شهرين جي راٰءِ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گيلپ پاڪستان جي سروي ۾ ملڪ جي گندي ترين شهرن ۾ ڪراچي سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو. عوامي راءِ ڄاڻڻ جي حوالي سان مشهور اداري گيلپ پاڪستان نئين سروي جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 20 سيڪڙو پاڪستانين نالو کڻي ڪراچي کي پاڪستان جو گندو ترين شهر چيو. سروي موجب لاهور کي 8 سيڪڙو، گوجرانوالا کي 2 سيڪڙو، حيدرآباد کي هڪ سيڪڙو ماڻهن گندو شهر قرار ڏنو. سروي ۾ 11 سيڪڙو ماڻهن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو شهر گندو ناهي، 47 سيڪڙو ماڻهن ان سوال جو ڪو جواب نه ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو