ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ گهر اندر سمهيل عورت تي تيزاب اڇلائڻ جو جوابدار مڙس ئي نڪتو.پوليس اختيارين موجب عورت تي تيزاب اڇلائيندڙ مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي.اختيارين موجب واقعو غيرت جي نالي تي حملو لڳي ٿو، واقعي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون وڊيوز پڻ حاصل ڪيون ويون آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کي زميندار ۽ ڪرائيدار وچ ۾ جهيڙي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.واقعي جو ڪيس مقتول عورت جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
