سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي، قيدي گم

سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي، قيدي گم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سينٽرل جيل مان ٽرائل ڪيس جو قيدي گم ٿي ويو آهي.گرفتار جوابدار محمد اسلم عرف ماسٽر کي ٻن سالن کان عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ جيل اختيارين جي سهڪار سان جوابدار کي عدالتي حڪم کانسواءِ آزاد ڪيو ويو.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جيل سپرنٽينڊنٽ کان قيدي جي پراسرار گمشدگي تي وضاحت طلب ڪري ورتي.جوابدار کي ٻين ساٿين سميت سچل مان مئي 2020ع ۾ پوليس مقابلي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته عدالت نوٽيس وٺندي آءِ جي جيل لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي کي معطل ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد قيدي گم ٿي ويو هو.جيل اختيارين موجب قيدي کي آزاد ڪرڻ ۾ ملوث لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو